اسلام آباد – 04 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڄ سومر ڏينهن 5 آڪٽوبر کان ڪ??يت جو دورو ڪندو ۽ ڪ??يت جي مرحوم امير شيخ ص??اح الاحمد الجابر الص??اح جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري پڌرائي موجب دوري دوران صدر ڪ??يت جي ن??ين امير شيخ نواف الاحمد الجابر الص??اح سان ملاقات ڪندو ۽ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران تعزيت ۽ دلي همدردي جو پيغام پهچائيندو. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ ڪ??يت جي وچ ۾ ڪ??يت جي مرحوم امير جي قيادت ۾ ٻطرفن ويجهن لاڳاپن کي سگهه ملي ۽ ٻطرفو تعاون ن??ين بلندي تي پهتو. ڪويت جي مرحوم امير شيخ ص??اح الاحمد الجابر الص??اح پاڪستان جو هڪ مخلص ۽ آزمايل دوست هو. هن ٻنهي ملڪن جي عوام کي ويجهو آڻڻ ۾ قابل قدر ڪردار ادا ڪيو. ٻطرفي تعاون جي ڏس ۾ سندس ڪوششن ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ سندس خدمتن کي دير تا??ين رکيو ويندو.