اسلام آباد – 12 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جو اجلاس ٻن ڏينهن جي وقفي کانپوءِ اڄ سومر ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ شام 4 وڳي ٿيندو، اجلاس جي صدارت قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر ڪندو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران قومي اسيمبلي جي اجلاس لاءِ 23 نقاطي ايجندا جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ٻن ڌيان ڇڪايو نوٽيسز کانسواءِ ڪميٽين جون رپورٽون پي?? ڪرڻ ۽ قانونسازي بابت بزنس شامل آهي. گڏيل قومن ??ي سيڪيورٽي ڪائونسل ترميمي ??ل 2020ع ۽ دهشتگردي جو خاتمو ترميمي ??ل 2020ع منظوري جي لاءِ ايجنڊا ۾ شامل ڪيا و??ا آهن.