اسلام آباد – 29 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته ملڪ?? معيشت ۽ ترقي کي نشانو بڻائڻ وارا پنهنجي ناپاڪ ڏوهن ۾ ناڪام رهندا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پنهنجي جان تري تي رک?? عوام جي زن??گي?? جو تحفظ ڪندڙ ۽ حملي کي ناڪام بڻائيندڙ اسان جا قابل فخر هيرو آهن، هن چيو ته شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي اهلڪارن کي خراج عقيدت ۽ ڏکويل خاندانن سان دلي تعزيت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيان.