اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر کي صوبائي چيف سيڪريٽرين سڄي ملڪ ۾ ايس او پي?? تي عملدرآمد ۽ لاڪ ڊائون جي تازي صورتحال کان آگاهه ڪيو آهي. منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد ??مر جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ ٽارگيٽيڊ، سمارٽ لاڪ ڊائون جي صورتحال، اين سي او سي ۾ ڪيل فيصلن تي عملدرآمد، آڪسيجن ۽ سيلنڊر جي د??آمدم، وبا جي ڏس ۾ اهم طبي اوزارن جي ضروري ڪاٿي بابت معاملن جو جائزو ورتو ويو. اين سي او سي پاران جاري پڌرائي موجب ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير اسد ??مر چيو ته صوبائي حڪومتون پرائيويٽ ڪارپوريشنز ۽ آفيسن جي لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪن ته سمارٽ لاڪ ڊائون وارن علائقن ۾ رهندڙ ملازمن کي آفيسن ما?? غيرحاضري تي ڪا سزا نه ڏني ويندي.