اسلام آباد – 29 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان آمريڪا ۽ طالبان جي وچ ۾ دوحه معاهدي جي آ??يان ڪندي چيو آهي ته اهو معاهدو چ??ن ڏهاڪن کان جاري جنگ جي خاتمي، مفاهمتي عمل ۽ افغان عوام جي مصيبتن جي خاتمي جي شروعات آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته مون ??دائين افغان مسئلي جي سياسي حل جي ڳالهه ڪئي جيڪو امن جو واحد بامعنيٰ رستو آهي.