اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ميرٽ جي فروغ لاءِ نظام ۽ ادارن کي مضبوط ڪندڙ ملڪ ۽ معاشرا سدائين ترقي ڪن ٿا، نئين پاڪستان ۾ نئين سوچ سان ميرٽ کي فروغ، آن لائن سسٽم تحت قرضن جي فراهمي، ڪ??روبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ، نن??ن ۽ وچين صنعت کي وڌ ??ان وڌ آسانيون ڏيڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ڪ??مياب جوان پروگرام 100 سيڪڙو نوجوانن جي لاءِ آهي، ان جو فائدو نن??ي ۽ وچين درجي جي صنعتن کي به ٿيندو، سياحت واحد ذريعو آهي جيڪا مٽاسٽا جو ناڻو تيزي سان پاڪستان آڻي سگهي ٿي. هو ڪامياب جوان پروگرام تحت بيروزگار نوجوانن کي قرضن جي فراهمي جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.