لاهور-28 سيپ??مب?? (اي پي پي) تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آه?? ته نگران وفاقي حڪومت پنهنجي وسيلن اندر ??هن??ي نيشنل ڪاليج آف آرٽس (اين سي اي) لاهور کي سموريون ممڪنه سهولتون فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آه??. اداري جا شاگرد لازوال صلاحيتن جا مالڪ آه??. اهڙو اظهار هن نيشنل ڪاليج آف آرٽس ۾ تصويري نمائش ”ڪرافٽنگ هسٽريز پراجيڪٽ“ جي افتتاح جي موقعي تي ميڊيا سان ڳا??هائيندي ڪيو. نگران وفاقي وزير چيو ته اهڙيون نمائشون نوجوان نسل کي پنهنجي ثقافتي ورثي بابت آگاهي فراهم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون. هن چيو ته منهنجي لاءِ هتي اچڻ ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهي. اين سي اي 150 سال پُراڻو ادارو آه??، اداري کي جيڪي ماڻهو هلائي رهيا آه?? اهي ملڪي خدمتن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آه??. هن ان خواهش جو اظهار ڪيو ته هن اداري ۾ هڪ ميوزيم پڻ هئڻ گهرجي، ان ميوزيم ۾ برصغير جي 1857ع کانپوءِ جون سموريون تصويرون ۽ انهن سان لاڳاپيل شيون رکيون وڃن. هن چيو ته مون کي اميد آه?? ته هن ميوزم جي پيڙهه جو پٿر مان پاڻ ئي رکندس ميوزم ۾ تاريخي تصويرون رکيون وينديون ته جيئن عوام کي پاڪستان ۽ برصغير جي تاريخ جي حوالي سان آگاهي حاصل ٿئي.