لنڊن – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان برطانيا جي ناليواري واپاري ۽ بوهو گروپ جي باني ۽ ايگزيڪيوٽو چيئرمين عبدالله ڪماني لنڊن ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران عبدالله ڪماني پاڪستان سان ڊگهي مدي وارا واپاري لاڳاپا قائم ڪرڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ ملڪ ۾ ڪپهه مان ڪپڙي جي پيداوار تائين جي هڪ جامع سپلائي چين ٺاهڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان مان وڌندڙ درآمدات کي آسان بڻ??ئڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ برطانيا جي فضائي رابط?? ۾ ??هتري جي پڻ اميد ظاهر ڪئي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سيڙپڪاري کي آسان بڻ??ئڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم کان آگاهه ڪيو ۽ ملڪ ۾ خاص طور تي خصوصي اقتصادي زونز جي اندر مينوفيڪچرنگ سهولتون قائم ڪرڻ ۾ تعاون جي آڇ ڪئي. نگران وزيراعظم بوهو گروپ کي پاڪستان سان تعاون وڌ??ئڻ جي لاءِ گروپ جو وفد پاڪستان موڪلڻ جي دعوت ڏني. ملاقات کي پاڪستان ۽ بوهو گروپ جي و?? ۾ ??قتصدي تعاون ۽ واپار کي وڌ??ئڻ طرف هڪ اهم قدم قرار ڏنو ويو. بوهو گروپ برطانيا جو ناليوارو آن لائين فيشن ريٽيلر گروپ آهي جنهن جي سالياني سيل هڪ ارب پائونڊ کان وڌيڪ آهي، ان جي مقبول برانڊز ۾ بوهو مين، پريٽي لٽل ٿنگ، مس پاپ، ڪيرن ملن، ڪوسٽ، اوسس ۽ ڊيبن هيمس شامل آهن.