اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻاهرئين مل?? رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ مراعاتي پئڪيج جو اعلان ڪيو آهي جيڪو انهن کي بهتر خدمتون ۽ مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ اسان جي حڪومت جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو، ان پئڪيج جو مقصد پاڪستان سان انهن جي شموليت کي وڌائڻ ۽ مختلف ادارن سان انهن جي راب??ن کي آسان بڻائڻ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مراعاتي پئڪيج جون نمايان خصوصيتون هي آهن، سمورن صوبن ۾ چيف سيڪريٽريز ۽ اسلام آباد ۾ چيف ڪمشنر تحت اوورسز پاڪستانين جي مل??يتن جي مسئلن جي حل لاءِ هاٽ لائينز قائم ڪيون وينديون. اسلام آباد ۽ پاڪستان جي سمورن صوبن ۾ اوورسيز پاڪستانين جي مل??يت جي مئسلن کي تيز رفتار ب??يادن تي حل ڪرڻ جي لاءِ مخصوص عدالتون قائم ڪيون وينديون. هن چيو ته سمورن پبلڪ سيڪٽر هائوسنگ اسڪيمن ۾ اوورسيز پاڪستانين جي لاءِ 10 سيڪڙو ڪوٽا رکي ويندي، جيڪڏهن ادائيگي غيرملڪي ڪرنسي ۽ بئنڪنگ چينل جي ذريعي ڪئي وڃي ٿي ته 5 سيڪڙو رعايت ملندي. وزيراعظم چيو ته پنجاب اوورسيز پاڪستانيز ڪميشن جي ڪامياب ماڊل کي ٻين سمورن صوبن ۾ پڻ نقل ڪيو ويندو، ٻاهرئين مل?? رهندڙ پاڪستانين کي سڃاڻڻ ۽ انهن جي سهولت لاءِ مل?? جي سمورن عالمي هوائي اڏن تي مخوص اميگريشن ڪائونٽر قائم ڪيا ويندا. هن چيو ته وڌيڪ مٽاسٽا جو ناڻو موڪليندڙ اوورسيز پاڪستانين جي لاءِ ايوارڊز جو اعلان ڪيو ويندو. ٻاهرئين مل?? پاڪستاني مشنز ۾ ذڪر جوڳي اوورسيز پاڪستانين جي لاءِ انهن جي خدمتن/ ڪاميابين جي اعتراف ۽ تعريف جي لاءِ هال آف فيم قائم ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته سينٽرل ڊائريڪٽوريٽ آف نيشنل سيونگز فار اوورسيز پاڪستانين پاران پرڪشش شرحن سان گڏ قومي بچت جون مخصوص اسڪيمون متعارف ڪرايون وينديون. ٻاهرئين مل?? سفارتخانن/ پاڪستاني مشنز ۾ نادرا ۽ پاسپورٽ جي سهولت جي ڪائونٽرز جي انگ ۾ اضافو ڪيو ويندو. بليڪ لسٽ ٿيل پاسپورٽ مقرر وقت کانپوءِ پاڻ ??ي ڊي لسٽ ٿي ويندا. پرڏيهي وزارت جي ذريعي دستاويزن جي آن لائين تصديق کي مضبوط بڻايو ويندو ۽ ان کي وڌيڪ موثر بڻايو ويندو. هن چيو ته پرڏيهي وزارت جي ڪئمپ آفيس پاڪستان انهن علائقن ۾ قائم ڪيون وينديون جتي ٻاهرئين مل?? رهندڙ پاڪستانين جو وڌيڪ انگ موجود آهي ته جيئن دستاويز وغيره جي تصديق ۾ آساني ٿئي. هن چيو ته پينشن، بئنڪ اڪائونٽس، مڪيت جي خريد ۽ وڪري جي لاءِ اوورسيز پاڪستانين جي آن لائين بائيو ميٽرڪ تصدق متعارف ڪرائي ويندي. اوورسيز پاڪستانين کي شادي/ طلاق، پيدائش ۽ موت جا سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جي لاءِ نادرا جو نظام يونين ڪائونسلن سان ڳنڍيل هوندو. وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين مل?? رهندر پاڪستانين جي ٻارن جي لاءِ پبلڪ سيڪٽر جي اعلي?? تعليمي ادارن ۾ 5 سيڪڙو ڪوٽا ۽ ٻارن کي ضرورت تي ٻڌل ۽ ميرٽ تي وظيفا پڻ ڏنا ويندا.