اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوئيف سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي ترقي کي تيز ڪرڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ توانائي، رابطن، زراعت، آءِ ٽي، ٽيڪسٽائيل ۽ لاجسٽڪس جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون ک?? وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي ا??فاق ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان دوران وزيراعظم شهباز شريف ازبڪ صدر کي 9 جولاءِ 2023ع تي ٿيندڙ صدارتي چونڊن ۾ ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم صدر مرزيوئيف جي ٻيهر چونڊجڻ کي ا??بڪ عوام جي ان جي قيادت تي ا??تماد جو مظهر قرار ڏيندي پنهنجي پختي ا??تماد جو اظهار ڪيو ته سندس قيادت ۾ بنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيند?? رهندا. وزيراعظم ازبڪست??ن سان ٻطرفن لاڳاپن جي پاڪستان جي لاءِ اهميت تي زور ڏيندي ترجيحي واپاري معاهدي ۽ ازبڪستان – پاڪستان ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ جي آپريشنل ٿيڻ تي ا??مينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اهي ٻئي معاهدا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن ک?? فروغ ڏيندا. ثمرقند ۽ آستانه ۾ سندن وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه کي ياد ڪندي ٻنهي اڳواڻن علائقائي ترقي کي تيز ڪرڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ توانائي، رابطن، زراعت، آءِ ٽي، ٽيڪسٽائيل ۽ لاجسٽڪس جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون ک?? وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي ا??فاق ڪيو.