اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت مان بريت تي شُڪرانا ادا ڪندي چيو آهي ته بدترين ميڊيا ٽرائل ۽ بيگناهي جي قيد جو اڄ ڪو ازالو ٿي سگهي ٿو؟ سياسي انتقام جي باهه ۾ سرندڙ?? کي دنيا ۾ ته جواب ملي ويو پر انه?? کي آخري ۽ سڀ کان وڏي عدالت ۾ ان ظل?? جو حساب ڏيڻو پوندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته الحمدالله لاهور جي احتساب عدالت مني لانڊرنگ جي سياسي انتقام تي ٻڌل ڪوڙي ۽ بي بنياد ڪيس ۾ اڄ مو?? کي ۽ حمزه شهباز کي بري ڪري ڇڏيو جنهن تي الله جو جيترو شڪر ادا ڪيو وڃي اهو گهٽ آهي. هن چيو ته سياسي انتقام ۾ هي اهو ئي ڪيس آهي جنهن ۾ برطانيا جي عالمي ساک رکندڙ نيشنل ڪرائيم ايجنسي ٽن ملڪن ۾ 40 سال جو رڪارڊ ٻن سالن تائين کنگاليو ۽ ڪجهه نه ملڻ تي اسا?? کي ڪلين چِٽ ڏني هئي. برطانيا جي ڊيلي ميل ۾ ڊيفيڊ جي فنڊز ۾ گهپلي جي ڪوڙي خبر ڄاڻي واڻي شايع ڪرائي وئي هئي پر ان ۾ به الله تعاليٰ اسا?? کي سرخرو ڪيو ۽ ڊيلي ميل کي معافي وٺڻي پئي. هي اهو ئي ڪيس هو جنهن ۾ ناحق مو?? کي ٻه ڀيرا گرفتار ڪيو ويو، حمزه شهباز کي قيد ۾ رکيو ويو ۽ ڪورونا وبا دوران سخت بيمار هجڻ جي باوجود حمزه ک?? ڊاڪٽر وٽ به نه ??وڪ??يو ويو، ان جي معصوم ڌيءَ سان ملڻ تائين نه ڏنو ويو. ”واٽس ايپ“ احتساب، بدترين ميڊيا ٽرائل ۽ بيگناهي جي قيد جو اڄ ڪو ازالو ٿي سگهي ٿو؟ سياسي انتقام جي باهه ۾ سرندڙ?? کي دنيا ۾ ته جواب ملي ويو پر انه?? کي آخري ۽ سڀ کان وڏي عدالت ۾ ان ظل?? جو حساب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته انتقامي انڌيرنگري جي ان ڪاري دور ۾ اسان جو ساٿ ڏيڻ، اسان جي بيگناهي تي اعتماد رکڻ ۽ هر جڳهه تي اسان جو حوصلو وڌائيندڙ محسنن، دوستن، وڪيلن ۽ عوام جا ٿورا مڃان ٿو.