اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??وج??ان قوم جو مستقبل ۽ خوشحالي جي ضمانت آهن، دل چاهي ٿي ته هر ٻار وٽ ليپ ٽاپ هجي ۽ هڪ لک نه هڪ ڪروڙ ليپ ٽاپس ورهايان، ??وج??انن تي سيڙپڪاري کان وڌيڪ ڪجهه نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت ليپ ٽاپس ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظ?? جي خاص معاون شزه فاطمه، عطا تارڙ، ملڪ احمد خان کانسواءِ ايڇ اي سي جي چيئرمين، استادن، والدين ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين جو وڏو انگ پڻ موجود هو. وزيراعظم چيو ته جڏهن آئون خادم پنجاب هئس ته ??وج??انن ۾ لکين ليپ ٽاپس ورهايا. پنجاب ايجوڪيشن انڊوومنٽ فنڊ سان بي شمار شاگردن کي تعليمي وظيفا فراهم ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو انهن مان ڪيترائي شاگرد ۽ شاگردياڻيون اڄ ڊاڪٽرز، انجنيئرز ۽ ڪامياب پروفيشنلز بڻجي چڪا آهن ۽ پاڪستان جي خدمت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هڪ ڏينهن لاهور ۾ هڪ ٻارڙي ليپ ٽاپ وٺندي مون کي ٻڌايو ته ان جا والدين هند نيا ۾ نه آهن پر هو ڊاڪٽر بڻجڻ چاهي ٿي. وزيراعظم چيو ته قو?? جي روشن مستقبل جي ڪُنجي ??وج??انن جي هٿ ۾ آهي. منهنجي دل چاهي ٿي ته هر ??وج??ان جي هٿ ۾ ليپ ٽاپ ڏيان. ڪوويڊ – 19 جي عالمي وبا آئي ته درسگاهون بند ٿي ويون. اهي ليپ ٽاپ ئي هئا جيڪي ??وج??انن کي تعلي?? جي زيور سان ليس ڪرڻ ۽ ڪامياب پروفيشنل بڻجڻ جو ذريعو بڻيا. جديد دور جي گهرجن موجب قو?? جي هر ٻار جنهن وٽ علم آهي ۽ محنت ڪرڻ چاهي ٿو ان کي پنهنجو پيٽ ڪاٽي ليپ ٽاپ فراهم ڪنداسين. اهي ليپ ٽاپ لکين ??وج??انن کي روزگار ڪمائڻ جي قابل بڻائڻ جو ذريعو به بڻيا آهن. ايندڙ هڪ سال دوران ??وج??انن ۾ هڪ لک ليپ ٽاپ ورهايا ويندا، ان جي لاءِ بجيٽ ۾ رقم رکي وئي آهي. اهي ليپ ٽاپ ڪنهن سفارش تي نه پر نج ميرٽ تي ??لن??ا. وزيراعظم چيو ته ??وج??انن کي هنرمند بڻائڻ جي لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن، ان کانسواءِ ڳوٺاڻن علائقن ۾ رهندڙ ??وج??انن کي به 5 ارب رپين جا زرعي قرض فراهم ڪيا ويندا. وزيراعظم ان يقين جو اظهار ڪيو ته ??وج??انن جي محنت رنگ آڻيندي ۽ اسان آءِ ٽي جي شعبي ۾ پاڙيسري ملڪ کي به پٺتي ڇڏينداسين ۽ پاڪستان کي ان جو وڃايل مقام واپس ڏيارينداسين. هن چيو ته منهنجو وس هلي ته هڪ لک نه پر هڪ ڪروڙ ليپ ٽاپ ??وج??انن ۾ ورهايان ڇو ته اهي ئي ليپ ٽاپ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو ذريعو بڻجندا. وزيراعظم سوئيڊن ۾ قرآن ڪري?? جي بي حرمتي جي دل ڏکوئيندڙ واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته اڄ جمعي ڏينهن پوري قوم دنيا کي اهو باور ڪرائڻ جي لاءِ ??حت??اج ڪري رهي آهي ته ڪو به مسلمان قرآن مجيد جي بي حرمتي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. ان کان اڳ وزيراعظم ڦيٿو ڪاٽي پوري پاڪستان جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ هڪ لک ليپ ٽاپ ورهائڻ جي پروگرام جو افتتاح ڪيو. وزيراعظم تقريب ۾ شريڪ مختلف يونيورسٽين جي نمايان تعليمي قابليت جو مظاهرو ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ پاڻ ليپ ورهايا.