اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) ۾ پاڻي وسيلن واري ڊويزن جي پاڻي شعبي جي جاري ??ختلف اسڪيمن تي 83 ارب 44 ڪروڙ 75 لک رپين کان ??ڌيڪ خرچ ڪيا ويندا. جاري ??يندڙ پ?? ايس ڊي پي 24 – 2023ع موجب بجيٽ ۾ گوادر ضلعي ۾ بسول ڊيم جي تعمير لاءِ 3 ارب 27 ڪروڙ 38 لک رپيا، آواران ڊيم جي لاءِ 3 ارب، پنجگور ڊيم جي لاءِ 2 ارب 50 ڪروڙ، وندر ڊيم جي لاءِ 2 ارب رپيا، ديامير ڀاشا ڊيم جي لاءِ 25 ارب رپيا، ڪي – فور سپلائي اسڪيم جي لاءِ 15 ارب 50 ڪروڙ رپيا، مهمند ڊيم جي لاءِ 10 ارب 50 ڪروڙ رپيا، بلوچستان جي مخ??لف علائقن ۾ 100 ڊيمن جي تعمير لاءِ هڪ ارب رپيا ۽ ڪرم تنگي ڊيم جي لاءِ 25 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن.