اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) ۾ نيشنل هيريٽيج اينڊ ڪلچر ڊويزن جي 8 جاري ۽ هڪ نئين منصوبي جي لا??ِ مجموعي طور تي 540 ملين رپيا رکيا ويا آهن. پي ايس ڊي پي 24 – 2023ع موجب جاري منصوبن ۾ نيشنل لا??ئريري آف پاڪستان اسلام آباد جي رنگ روغن جي لا??ِ 94.500 ملين رپيا، نيشنل لينگويج پروسيسنگ ليبارٽري (اين ايل پي ڊي) قائم ڪرڻ جي لا??ِ 16.755 ملين رپيا، روات قلعي جي بحالي، تحفظ جي لا??ِ 20.327 ملين رپيا، لاهور ۾ موجود علامه مح??د اقبال جي رهائشگاهه کي مح??وظ بڻائڻ جي لا??ِ 18.518 ملين رپيا، ثقافتي ورثي جي ذريعي پاڪستان جي مثبت تشخص جي فروغ جي لا??ِ ڊپارٽمينٽ آف آرڪيالوجي اينڊ ميوزيم ۾ ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ سينٽر قائم ڪرڻ جي لا??ِ 15 ملين رپيا اهڙي طرح ٻين ٽن جاري منصوبن جي لا??ِ پڻ وڏي رقم رکي وئي آهي. پي ايس ڊي پي تحت فيض احمد فيض ڪمپليڪس جي تعمير جي لا??ِ هڪ نئين منصوبي جي لا??ِ 350 ملين رپيا رکيا ويا آهن.