اسلام آباد-07 جون (اي پي پي)قومي اقتصادي سروي سال 23-2022ع (اڄ) خميس تي جاري ڪئي ويندي. ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار خميس ڏينهن 4:10 منٽن تي پاڪ سيڪريٽريٽ جي پي بلاڪ جي آڊيٽوريم ۾ اقتصادي سروي جي جاري ٿيڻ جي تقريب جي صدارت ڪندو. قومي اقتصادي سروي ۾ جاري مالي سال دوران اهم سماجي ۽ اقتصادي هدفن ۽ مختلف شعبن ۾ اڳڀرائي جا تفصيل ??امل هوندا. قومي اقتصادي سروي ۾ زراعت، مينيوفيڪچرنگ، صنعت، خد??تن، توانائي، آءِ ٽي، ٽيلي ڪميونيڪيشن، ڪيپيٽيل مارڪيٽس، صحت، تعليم، ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات سميت مختلف شعبن ۾ اڳڀرائي ۽ اقتصادي رجحانن جو تعين ڪيو ويندو. ان کان علاوه قومي اقتصادي سروي ۾ ناڻي واڌ، واپار، قرضن جي ادائگي، آبادي، روزگار، ماحولياتي تبديلين ۽ سماجي تحفظ جي شعبن ۾ حڪومتي قدمن ۽ رجحانن جو به تفصيل ??ان تعين ڪيو ويندو. واضح رهي ته اندروني ۽ ٻاهرين چئلينجن باوجود معيشت ۾ استحڪام ۽ پائيدار واري اؤسر لاءِ حڪومت طرفان جوڙيل پاليسين ۽ حڪمت عملي سان اقتصادي اؤسر ۽ سپلاءِ چين ۾ بهتري اچي رهي آهي، موجوده مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ جي کاتن ۾ خساري ?? 76 سيڪڙو جي ن??اي??ن گهٽتائي ٿي، جڏهن ته ٻي طرف ايف بي آر جي محصولن ۾ به ن??اي??ن اضافو ٿيو آهي. حڪومتي قدمن سان ملڪ جي واپاري خساري ?? به ن??اي??ن گهٽتائي آئي. زري ?? مالي استحڪام لاءِ ٿيل ڪيل پاليسين سبب معيشت پائيدار راهه تي گامزن آهي. خريف جي فصلن سان زرعي سرگرمين ۽ پيداوار ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، جنهن سان مجموعي اقتصادي اؤسر تي اثر مرتب ٿيا. حڪومت خسارن تي قابو پائڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي جنهن سبب مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽس جي کاتن ۾ خساري ?? سالياني بنيادن تي 6.1 سيڪڙو ن??اي??ن گهٽتائي ٿي.