اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد ش??با?? شريف ۽ ايران جي صدر ابراهيم رئيسي ٻطرفن لاڳاپن ۽ خاص طور تي واپار جي فروغ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪ ايران سرحد تي ”مند پشين بارڊر مارڪيٽ“ جي افتتاح کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن جي وفدن سان ملاقات ٿي. پاڪستان جي وفد ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، توانائي وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، پيٽروليم وارو مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، ??لوچستان جو وڏو وز??ر عبدالقدوس بزنجو، بلوچستان نيشنل پارٽي جو سربراهه سردار اختر مينگل، بلوچستان عوامي پارٽي جا پارلياماني ميمبر سردار خالد حسين مگسي ۽ زبيده جلال شامل هئا.