اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) پاڪست??ن پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آ??ي ته خودڪش ڌماڪي ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس جي جوان جي شهادت تي دلي افسوس ٿيو آ??ي. هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته چيڪ پوسٽ تي پنهنجون ذميواريون ادا ڪندي ملڪ جي قابل فخر فرزندن جانيون قربان ڪيون. اهي سرحدن جا محافظ ۽ قوم جا هيرو آ??ن قوم انهن هيروز کي سدائين ياد رکندي. هن چيو ته مون کي شهيدن جي خاندانن سان همدرديءَ آهي. پرڏيهي وزير خودڪش ڌماڪي ۾ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي ۽ چيو ته پنهنجي ڌرتي کي ملڪ دشمنن ک??ن پاڪ ڪرڻ جي لاءِ اس??ن پرعزم آهيون، دهشتگردن ۽ انهن جي سرپرستن جو عبرتناڪ انجام ٿيندو.