اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ”روڊ ٽو مڪه“ پراجيڪٽ ۾ پاڪستان کي شامل ڪرڻ، سوڊان ۾ ??اٿ?? پاڪستانين کي ڪڍڻ ۾ تعاون ۽ گذريل سال شديد ٻوڏ دوران ??مداد تي سعودي عرب سان ٿورا مڃيا آهن ۽ چيو آهي ته سعودي عرب ۽ ايران ??ا لاڳاپا معمول تي آڻڻ سان ??لائقائي امن ۽ سلامتي جي فروغ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي عرب جي نائب گهرو وزير ڊاڪٽر ناصر بن عبدالعزيز الدائود سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب وزيراعظم گذريل سال جي شديد ٻوڏ دوران ??مداد تي سعودي عرب جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم سوڊان ۾ ??اٿ?? پاڪستانين کي ڪڍڻ جي لاءِ تعاون فراهم ڪرڻ تي سعودي عرب جي حڪومت جا ٿورا پڻ مڃيا. وزيراعظم ”روڊ ٽو مڪه“ پراجيڪٽ ۾ پاڪستان کي شامل ڪرڻ تي سعودي عرب جي حڪومت کي ساراهيو، ”روڊ ٽو مڪه“ پراجيڪٽ اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي ذريعي حج تي وڃڻ جي خواهشمند پاڪستاني حاجين کي سهولتون فراهم ڪندو. سعودي عرب ۽ ايران ??ي وچ ۾ لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي لاءِ تازي معاهدي جو حوالو ڏيندي وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ان ??ان ??لائقائي امن ۽ سلامتي کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي. سعودي نائب گهرو وزير سندس ۽ سندس وفد جي مهمان نوازي تي پاڪستان ??ا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا تاريخي آهن. هن پاڪستان ??ي گهرو، مذهبي معاملن ۽ منشيات جي خاتمي وارن وزيرن سان ڪارائتين ملاقاتن تي اطمينان ??و اظهار ڪيو. هن وزيراعظم کي ٻڌايو ته روڊ ٽو مڪه پراجيڪٽ کي ايندڙ سال کان لاهور ۽ پشاور تائين پڻ وڌايو ويندو ته جيئن وڌ کان وڌ حاجين کي سهولتون فراهم ڪري سگهجن.