اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف خيبر ضلعي جي علائقي طورخم ويجهو ٿيندڙ لينڊ سلائيڊنگ جي نتيجي ?? جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هدايت ??ئي ته زخمين کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ??ئي وڃي. هن ريسڪيو جو ڪم تيز ڪرڻ ۽ رستي جي جلد کان جلد بحالي جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم لينڊ سلائيڊنگ ۾ فوت ٿيندڙن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ??ئي ۽ پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ پڻ دعا ڪئي.