اسلام آباد – 07– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ احتياطي صحت جي سهولتن جي ??روغ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان محدود وسيلن جي ڪري 22 ڪروڙ آبادي جي صحت جي ضرورتن کي علاج جي طريقن سان پورو ڪرڻ کي بر??اشت نه ٿو ڪري سگهي. ايوان صدر جي ??ريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ هيلٿ سروسز اڪيڊمي جي سينيٽ جي چوٿين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ هيلٿ سروسز اڪيڊمي جي سينيٽ جي ??يمبرن ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته احتياطي تدبيرون اختيار ڪري گهڻين بيمارين کان بچي سگهجي ??و، احتياطي صحت جو طريقيڪار سستو آهي ۽ اهو بيمارين جو بار گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. هن چيو ته پاڪستان کي عوامي صحت جي شعبي کي بهتر بڻائڻ جي ??اءِ هدفن ??ي ٻڌل منصوبابندي ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته احتياطي صحت ملڪي صحت جي ??اليسي جي ترجيح هجڻ گهرجي، ڪجهه ملڪن احتياطي صحت تي ڌيان ۽ انساني وسيلن جي ??ڪري ترقي تي سيڙپڪاري سان صحت جي شعبي ۾ زبردست بهتري آندي آهي. اجلاس کي گلوبل وارمنگ ۽ موس??يا??ي تبديلين جي اثرن بابت پڻ ٻڌايو ويو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته وڌندڙ گرمي پد سان بيمارين جي بار ۾ اض??في جو خدشو آهي. اجلاس ۾ عوامي صحت جي شعبي ۾ تحقيق ۽ ترقي جي ??اءِ عالمي فنڊنگ حاصل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ويو ته ملڪي صحت جي ??روگرامن ۽ اڪيڊمي جي ??ستقبل جي ??الي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي ??اءِ وسيلا متحرڪ ڪرڻ جي حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ عوامي صحت جي ??اءِ قومي منصوبو جوڙڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو ويو. اجلاس ۾ هيلٿ سروسز اڪيڊمي جي ??ئين سينيٽ اجلاس جي ??نٽنس جي ??ڻ توثيق ڪئي وئي.