اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سنڌ ۾ وفاقي حڪومت جي جاري ترقياتي منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته ع??امي ڀلائي جي لاءِ وفاق ۽ صوبن کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملاقات ڪئي جنهن ۾ سنڌ سان لاڳاپيل معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ منصوبابندي وارو وفاقي وزير ??حس?? اقبال ۽ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي ??ور??حال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته ع??امي ڀلائي جي لاءِ وفاق ۽ صوبن کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. سنڌ صوبي ۾ وفاقي حڪومت جي جاري ترقياتي منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته ٿر ڪول جي منصو??ي سان نه رڳو ملڪ ۾ توانائي جي ضرورت پوري ٿيندي پر علائقي ۾ ترقي جون نيون راهون کلنديون.