اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفي?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪ ۾ موثر قانونسازي ۽ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ان جي اهميت تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. ملاقات ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي و??ير اسحاق ڊار ۽ قانون ۽ انصاف وارو وفاقي و??ير سينيٽر اعظم نذ??ر تارڙ پڻ موجود هئا.