اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آه?? ته اسلام آباد ۾ ٺوس ڪچري (سالڊ ويسٽ) کي تلف ڪرڻ جو منصوبو فوري طور تي شروع ڪيو وڃي، ٺوس ڪچري کي تلف ڪرڻ جو ماڊل پنجاب ۾ موجود آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مجب وزيراعظم چيو ته اسان لاهور ۾ ٺوس ڪچري جي تلفي جي لاءِ عالمي معيار جو منصوبو ٺاهيو. هن هدايت ڪئ?? ته اسلام آباد ۾ به ٺوس سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ منصوبي جي لاءِ انٽرنيشنل ٽينڊر جاري ڪيو وڃي. وزيراعظم وڌيڪ هدايت ڪئ?? ته گهرن مان ڪچرو گڏ ڪرڻ کان وٺي لينڊ فل سائيٽ تائين منتقلي جي سمورن مرحلن کي آئوٽ سورس ڪيو وڃي ۽ منصوبي جي ٻئي مرحلي ۾ ڪچ??ي سان بجلي پيدا ڪرڻ جي منصوباسازي ڪئي وڃي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ڪالهه سومر ڏينهن اسلام آباد ۽ ڀرپاسي ۾ ٺوس ڪچري جي تلفي جي منصوبي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ۾ ٺوس ڪچري جي منصوبي تي ڪم تيزي سان جاري آهي ۽ ا?? جي لاءِ لينڊ فل سائيٽ جي چونڊ پڻ ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي وزيراعظم هدايت ڪئ?? ته گهرن مان ڪچرو گڏ ڪري لينڊ فل سائيٽ تائين پهچائڻ جا سمورا مرحلا آئوٽ سورس ڪيا وڃن ته جيئن شهرين کي عالمي معيار جون بهترين خدمتون فر??هم ڪيون وڃن ۽ حڪومت جو خرچ به گهٽ کان گهٽ ٿئي. اجلاس کي ان حوالي سان هيستائي?? جي اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف منصوبي کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن طارق فضل چوڌري، حنيف عباسي، انجم عقيل، ڪمشنر اسلام آبا??، ڪمشنر راولپنڊي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.