اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف سان قطر جي سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان بن فيصل الثاني ملاقات ڪئي. وزير??عظ?? آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ قطر جي سفير قطر ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌائڻ جي لاءِ ڪئي ويندڙ مختلف سرگرمين کان آگاهه ڪيو. وزير??عظ?? محمد شهباز شريف ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل قدرن تي ٻڌل ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجايو. هن انهن مضبوط لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند ا??تص??دي لاڳاپن ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي طرفن يج گڏيل عزم جو ذڪر ڪيو. وزير??عظ?? 2022ع ۾ تاريخي ٻوڏ جي نتيجي ۾ پاڪستاني عوام جي انساني همدرديءَ جي بنياد تي امداد تي قطر جا ٿو??ا مڃيا. قطري سفير ڀائراڻن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي وزير??عظ?? جا ٿو??ا مڃيا ۽ ان سلسلي ۾ قطر پاران تعاون جي خاطري ڪرائي. واضح رهي ته قطر اٽڪل 250000 پاڪستانين جي ميزباني ڪري ٿو جيڪي ٻنهي ملڪن جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن ساڪل پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 50 هين سالگرهه آهي. ٻئي ملڪ ان سالگرهه کي بهترين انداز ۾ ملهائڻ جي لاءِ پرعزم آهن.