اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي لاهو?? هاءِ ڪورٽ ۾ حفاظتي ضمانت جي لاءِ داخل درخواست کي کيسا ڀريندڙ گروهه جي جيل ڀر??و تحريڪ جي پهرين قسط قرار ڏئي ڇڏيو. اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ عمران خان جي اسلام آباد جي عدالتن ۾ حاضري کان ڇوٽ جون درخواستون رد ٿيڻ کانپوءِ لاهو?? هاءِ ڪورٽ ۾ حفاظتي ضمانت جي درخواست داخل ڪرڻ تي اهو تبصرو ڪيو. واضح رهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان لاهو?? هاءِ ڪورٽ ۾ حفاظتي ضمانت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ عمران خان چ??و ته اڳوڻو وزيراعظم ۽ ملڪ جي هڪ وڏي سياسي پارٽي جو سربراهه آهيان، زخمي هجڻ جي ڪري عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيس.