اسلام آباد – 03 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگ??دي خلاف رياست ذرو برابر به برداشت جو مظاهرو نه ڪندي ۽ ڪنهن به صو??ت ۾ دهشتگ??دي کي وڌڻ ويجهڻ نه ڏنو ويندو، ملڪي مفادن ۾ اسان سڀني کي گڏجڻو پوندو، 7 فيبروري تي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ عمران خان کي به دعوت ڏني آهي. وزيراعظم پنهنجي مختلف ٽوئيٽس ۾ چيو ته ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ سول ۽ ملٽري قيادت پاڪستان جي ع??ام جي جان ۽ مال جي هر قيمت تي تحفظ ج?? وچن ورجايو آهي. هن چيو ته جيڪي به معصوم ماڻهن تي حملا ڪن ٿا انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو ۽ ڪنهن به صو??ت ۾ دهشتگ??دي کي ٻيهر ڪَر کڻڻ نه ڏنو ويندو. هن چيو ته گڏجاڻي ۾ ملڪ جي سيڪيورٽي تي غور ويچار ڪيو ويو ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته وفاق ۽ صو??ا هڪ ئي پاليسي اختيار ڪندا. جڏهن ته نيسنل ايڪشن پلان تي به غور ويچار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جڏهن ته جاچ فرانزڪ ۽ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ کي سگهارو بڻائڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. هن چيو ته ميڊيا مذهبي عالم ۽ سياسي اڳواڻ دهشتگ??دي جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ ماڻهن ۾ عوامي راءِ جوڙين. هن چيو ته دهشتگ??دي جي خلاف رياست ذرو برابر به برداشت جو مظاهرو نه ڪندي. جڏهن ته گڏجاڻي ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته فيصلن تي ع??لدرآمد جي لاءِ اداراتي مڪينزم ٺاهيو ويندو. جڏهن ته وزيراعظم ان کانسواءِ چيو ته مون ملڪي مفادن جي لاءِ سڀني کي گڏ کڻي هلڻ جو سوچيو آهي ان جي لاءِ 7 فيبروري تي اسلام آباد ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائي آهي جنهن ۾ مون عمران خان کي پڻ دعوت ڏني آهي ڇو ته ملڪي مفادن جي لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ويهڻو پوندو ۽ پنهنجا ذاتي اختلاف وسارڻا پوندا.