ابوظهبي – 13 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل عرب امارات جي رواداري واري وزير شيخ نهيان بن مبارڪ النهيان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف کيس پاڪس??ان ۾ توانائي، ايوي ايشن ۽ سياحت جي شعبن ۾ وڌيڪ سيڙ??ڪا??ي ??ي دعوت ڏني ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پريس رليز موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه جمعي ڏينهن هتي ابوظهبي ۾ گڏيل عرب امارات جي رواداري واري وزير شيخ نهيان بن مبارڪ النهيان سان ملاقات ڪئي. شيخ نهيان وزيراعظم کي سڄي دنيا ۾ رواداري ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي قدرن جي فروغ لاءِ ان جي حڪومت جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. شيخ نهيان بن مبارڪ پاڪستاني ڪميونٽي جي لڳاءُ ۽ محنت کي ساراهيو جيڪي گڏيل عرب امارات جي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيا اهن. وزيراعظم شهباز شريف پاڪس??ان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپن کي ساراهيندي گڏيل عرب امارات سان واپار، سيڙ??ڪا??ي، توانائي، ثقافت ۽ سياحت سميت سمورن شعبن ۾ موجوده ٻطرفن رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم شيخ نهيان جي پاڪس??ان ۾ سيڙ??ڪا??ي ۽ پاڪس??ان ۽ گڏيل عرب امارات ۾ پنهنجي ڪاروبار بابت سيڙ??ڪا??ي ۾ پاڪستاني عوام تي اعتماد تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم کيس توانائي، هوابازي ۽ سياحت جي شعبن ۾ وڌيڪ سيڙ??ڪا??ي ??ي دعوت ڏني ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ گڏيل عرب امارات جي ڪوششن کي ساراهيو.