اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي دهشتگردي جي خلاف قوم جي اڻٿڪ عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ قوم جون ڪوششون جاري رهنديون. صدر ضلعي ڪرم جي علائقي ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪارروائي تي پاڪستان آرمي کي خراج تحسين ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن شهيد صوبيدار شجاع محمد، نائ??ڪ محمد رمضان، سپاهي عبدالرحمان کي ملڪ جي لاءِ جان جو نذرانو ڏي?? تي سلام پيش ڪيو. صدر شهيدن جي پونئيرن سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.