اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي)پاڪستان ”نو مني فار ٽيرر“ وزارتي اج??اس ۾ ڀارتي قيادت جي بي بنياد پروپيگنڊا ۽ غير ذميوار??ڻي بيان کي رد ڪري ڇڏيو آهي. گذريل ڏينهن پرڏيهي آفيس طرفان جاري بيان مطابق پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چي?? آهي ته پاڪستان نئين دهليءَ ۾ رٿيل نام نهاد ”نو مني فار ٽيرر“ وزارتي اج??اس ۾ ڀارتي قيادت طرفان ان خلاف سمورن حوالن ۽ الزامن کي سختيءَ سان رد ڪيو آهي. ڀارت هر دستياب فورم تي پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي پنهنجي ناقابل قبول ۽ لاعلاج خواهش جي روشنيءَ ۾ پابندي مڙهيل دهشتگرد تنظيم جي مالي معاونت ۾ پاڪستان تي مبينه طور ملوث هئڻ جا بار بار ڪُوڙا الزام لڳائي دنيا کي دهشت??رد??ءَ جي خاتمي ۾ پاڪستان جي ڪاميابين جي باري ۾ گمراهه ڪندو رهي ٿو. هن چي?? ته ڀارت جي کوکلي بيان بازي پاڪستان جي ڪامياب دهشت??رد??ءَ جي خاتمي وارن قدمن آڏو ناڪام ٿي وئي آهي جن جو دهشت??رد??ءَ جي خاتمي، مني لانڊرنگ جي خاتمي ۽ دهشت??رد??ءَ جي مالي معاونت جي روڪٿام جي اعليٰ بين الاقوامي اداري فنانشل ايڪش ٽاسڪ فورس طرفان تسليم ۽ اعتراف ڪيو ويو آهي. اسان جا مضبوط ۽ قابل اعتماد اي ايم ايل/سي ايف ٽي قدمن ۽ ايف اي ٽي ايف ايڪشن پلانز تي تسلي بخش عملدرآمد سان هن آڪٽوبر ۾ پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ ۾ ڪاميابي حاصل ٿي آهي. هن افسوس جو اظهار ڪيو ته ڀارت غير قانوني طور پنهنجي ڏاڍ هيٺ ڪشمير ۾ پنهنجي دهشت??رد??ءَ جي مهم مسلسل جاري رکيو پيو اچي. ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي سرپرستيءَ ۾ ٿيل دهشت??رد??ءَ جو ڪو جواز ناهي جتي ان جي سيڪيورٽي فورسز هر روز بيگناهه شهرين کي دهشت، اذيت ۽ تشدد جو نشانو بڻائي ٿي. هن چي?? ته انتهائي افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته ڀارت ڪيترن ئي ڏهاڪن کان دهشت??رد?? کي پناهه ۽ تحفظ فراهم ڪري رهيو آهي. 2019ع ۾ هن سوامي اسيمانند کي بري ڪري ڇڏيو جيڪو 2007ع جي سمجهوته ايڪسپريس ڌماڪي جو مرڪزي ڪردار هو جنهن ۾ ڀارتي سرزمين تي 43 پاڪستاني شهري قتل ٿيا هئا. هلندڙ سال جي شروع ۾ ڀارتي عدالتن گجرات ۾ 2002ع جي گوڌرا جهيڙن دوران بلقيس بانو جي اجتماعي لڄالٽ واري ڪيس جي 11 مجرمن کي آزاد ڪيو. اهڙيءَ طرح 26 نومبر جي ممبئي حملن جي ڪيس جي ٻُڌڻيءَ دوران ڀارت ڄ??ڻي و??ڻي پاڪستاني عدالتن کان گواهن ۽ شاهدين کي روڪي ڇڏيو. گذريل 14 سالن ۾ بار بار درخواستن باوجود صرف پنهنجي ناپاڪ سياسي ايجنڊا کي ڪوڙو ڪرڻ لاءِ ڪيس کي ڊيگهه ڏني وئي. هن چي?? ته پاڪستان اندر دهشت??رد?? کي ڀڙڪائڻ ۾ هندستان جو ملوث هئڻ وڏي پيماني تي ثابت ۽ دستاويزي آهي. نومبر 2020ع ۾ پاڪستان هڪ جامع ڊوزيئر جاري ڪيو هو، جنهن ۾ پاڪستان ۾ تخريبي سرگرمين ۾ ڀارت جي ملوث هئڻ جا ثبوت فراهم ڪيا ويا هئا. سزا يافته، حاضر سروس، ڀارتي نيول ڪمانڊر ڪلڀوشن ياديو تخريبڪاري ۽ دهشت??رد??ءَ ۾ ڀارت جي سڌيءَ ريت ملوث هئڻ جو ناقابل ترديد ثبوت آهي. ٽي ٽي پي ۽ افغانستان اندر پاڪستان سان دشمني رکندڙ ٻين ڌُرين سان هندستاني رابطن جي باري ۾ سڀ واقف آهي. هن چي?? ته پاڪستان عالمي برادريءَ تي زور ڀري ٿو ته هو ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ان جي قدمن، دهشتگرد ادارن جي سرپرستي ۽ پاڙيسري ملڪ ۾ دهشت??رد??ءَ کي هوا ڏيڻ لاءِ هندستان کي جوابدار قرار ڏي. هندستان کي گهرجي ته هو دهشت??رد??ءَ جي باري ۾ پنهنجي سُڃاڻپ کي فوري طور درست ڪري ۽ خودغرض??ڻي سياسي مفادن جي حاصلات لاءِ بي شرميءَ سان ٻيهر ڪوڙا الزام لڳائڻ کان پاسو ڪري.