اسلام آباد- 10 نومبر (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير شازيه مري چيو آهي ته پاڪستان ?? عورتن کي بااختيار بڻائڻ اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. آئيس لينڊ ۾ گلوبل فورم ويمن ليڊرشپ کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪس??ان کي برساتن سبب وڏي پئماني تي ٻوڏ جي ??ري نقصان ٿيو جيڪو پاڪستان ?? ان کان پهرين ڪڏهن ناهي ٿيو، ٻوڏ سبب 3 ڪروڙ 30 لک (33 ملين) ماڻهو بي گهر ٿيا، جيڪو ڪيترن ئي ملڪن جي ??ل آبادي کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته متاثر ماڻهن ۾ تقريبن 6 لک 50 هزار ڳورهارين عورتن کي ويم بابت سهولتن جي ضرورت آهي. شازيه مري چيو ته کيس پاڪس??ان جي سڀ کان وڌيڪ ڪامياب سماجي تحفظ واري پر??گرام بينظير انڪم سپورٽ پر??گرام (بي آءِ ايس پي) جو سربراهه هجڻ تي فخر آهي، پاڪس??ان جا تقريبن 80 لک خاندان بي آءِ ايس پي سان جڙيل آهن. اسان انهن خاندانن کي ڪيش رليف فراهم ڪري رهيا آهيون، بينظير انڪم سپورٽ پر??گرام (بي آءِ ايس پي) ذريعي عوام کي غذائيت ۽ تعليم جي ترغيب ڏيڻ جي ??وشش ڪري رهيا آهيون.