شرم الشيخ – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف ۽ گڏيل عرب امار??ت جي صدر م??مد بن زيد النيهيان گڏيل مفاد جي گڏيل مقصدن جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب وزيراعظم شهباز شريف ۽ گڏيل عرب امار??ت جي صدر م??مد بن زيد النهيان مصر ۾ ڪوپ 27 سربراهي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثرين جي فراخدلاڻي امداد تي گڏيل عرب امار??ت جي قيادت ۽ عوام جا ٿو??ا مڃيا. وزيراعظم موسمياتي تبديلين جي اثرن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ڪوپ 27 جي عزم کي سٺو سنئوڻ قرار ڏنو. وزيراعظم ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ رڳو اسرندڙ ملڪن جي وس ۾ نه آهي، عالمي برادري کي گڏجي زمين جي ب??اءَ جو گڏيل چارٽر ٺاهڻو پوندو. وزيراعظم شهباز شريف ڪوپ 27 ڪانفرنس جي مقصدن جي لاءِ عالمي برادري خاص طور تي اسلامي دنيا جي عزم جي آجيان ڪئي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل مفاد جي گڏيل مقصدن جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.