اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ ۾ فائرنگ جي و??قع?? جي مذمت ڪندي ??يو آهي ته سياسي ميدان خوني ميدان نه بڻجڻ گهرجن، پاڪستان جي سياست اهڙن و??قع?? کي برداشت نه ٿي ڪري سگهي، جيستائين پنجاب حڪومت، پنجاب جي وڏي وزير ۽ پنجاب پوليس پاران و??قع?? جي حتمي رپورٽ جاري نه ٿي ٿئي، غيرضروري بيانن ۽ قياس آرائين کان پاسو ڪيو وڃي، اسان جي لفظن جي چونڊ تمام اهم هوندي آهي، اهڙا لفظ استعمال نه ڪيا وڃن جيڪي اشتعال جو سبب بڻجي سگهن ٿا، پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان، سينيٽر فيصل جاويد ۽ ٻين زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته اڄ پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ ۾ افسوسناڪ و??قع?? پيش آيو، ان جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا، و??قع?? ۾ عمران خان ۽ سينيٽر فيصل جاويد زخمي ٿيا، انهن جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون. هن ??يو ته ميڊيا رپورٽس موجب عمران خان کي ڪنٽينر کان اسپتال آندو ويو آهي، جتي ان جي سي ٽي اسڪين ٿي رهي آهي. هن ??يو ته سياسي ميدان خوني ميدان نه بڻجڻ گهرجن، اسان اهڙي قسم جي سياست جي مذمت ڪريون ٿا. هن ??يو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف راڻا ثناءُ الله کي چيف سيڪريٽري پنجاب ۽ آءِ جي پنجاب کان فوري طور تي رپورٽ طلب ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وفاقي حڪومت و??قع?? جي جاچ ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. هن ??يو ته و??قع?? پنجاب حڪومت جي حدن ۾ ٿيو، پنجاب جي پوليس، پنجاب جي انتظاميا، پنجاب جي انٽيليجنس ان و??قع?? تي پنهنجي رپورٽ ڏين، پنجاب جي وڏي وزير کي گهرجي ته هو و??قع?? جي رپورٽ طلب ڪري. هن ??يو ته پنجاب جو وڏو وزير ميڊيا تي اچي پنهنجي حڪومت ۽ پنجاب جي اندر ان و??قع?? جي حوالي سان حقيقتن کان عوام کي آگاهه ڪري. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته فائرنگ ڪندڙ شخص گرفتار ٿي چڪو آهي، ان تسليم ڪيو آهي ته هن عمران خان کي گولي هڻڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس ان جو بيان رڪارڊ ڪري رهي آهي. مريم اورنگزيب ??يو ته پنجاب پوليس فوري طور تي و??قع?? جي جڳهه کي سيل ڪري، اتان ئي جاچ جي شروعات ٿيڻ گهرجي. هن ??يو ته اڄ جي و??قع?? مان سبق سکڻ گهرجي، اهڙن و??قع?? تي سياست نه ڪئي وڃي. هن ??يو ته اڄ پي ٽي آءِ جي هڪ ذميوار عورت انتهائي غيرذميواراڻو بيان ڏنو ته راڻا ثناءُ الله حملو ڪرايو آهي. هن ??يو ته اهڙن روين ۽ غيرذميواراڻن بيانن جا اثر عوام کي ڀوڳڻا پون ٿا. هن عمران خان، فيصل جاويد ۽ ٻين زخمين جي صحتيابي لاءِ دعا ڪندي ??يو ته الله تعاليٰ انهن کي جلد کان جلد صحتيابي فرمائي. هن ??يو ته پاڪستان جا سياسي ميدان خوني ميدان نه بڻجڻ گهرجن، اسان کي پنهنجي روين ۽ ذميواري سان ان کي صحيح ڪرڻو آهي. هن ??يو ته پنجاب حڪومت کي گهرجي ته اها فوري طور تي حقيقتون ۽ شروعاتي جاچ عوام تائين پهچائي. هن ??يو ته پنجاب حڪومت کي به ٻڌائي ڇڏيو آهي ته و??قع?? جي جاچ ۾ ڪنهن به قسم جو تعاون گهربل هجي، فراهم ڪيو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته اهڙن بيانن کان پاسو ڪرڻ گهرجي جن سان وڌيڪ انتشار پکڙجڻ جو انديشو هجي. منهنجي دعا آهي ته الله تعاليٰ اسان سڀني کي پنهنجي حفاظت ۾ رکي.