بيجنگ-10 آڪٽوبر (اي پي پي) ??ين ۾ پاڪستان جي سفير معين الحق چيو آهي ته ??ين جي وقت سر امداد ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ مددگار ثابت ٿي رهي آهي. چيني اخبار گلوبل ٽائمز کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته ??ين جي مرڪزي حڪومت، فوج، صوبائي حڪومتن، فلاحي تنظيمن ۽ سرڪاري ۽ نجي ادارن طرفان 640 ملين يوآن (89.94 ملين ڊالر) کان ??ڌيڪ ماليت جي مدد جو اعلان ڪيو ويو جيڪو چيني عوام پڻ سفارتخاني کان سڌي ريت فلڊ ريلف اڪائونٽ ۾ عطيو ڏنو. هن چيو ته پاڪستان کي ٻوڏ جي صورتحال ۾ بدترين قدرتي آفت کي مُنهن ڏئي رهيو آهي ۽ ??ين هميشه وانگر ان بحراني صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ فوري امداد فراهم ڪئي. سفير چيو ته ??ين انساني همدرديءَ جي بنياد تي امداد ٻنهي ملڪن جي گهري دوستيءَ جي عڪاسي آهي. چيني حڪومت طرفان ??وڏ متاثرن لاءِ خيما، ڪمبل، کاڌي پيتي جي شين، پاڻي کي پيئڻ لائق بڻائڻ واري مصنوعات ۽ بجلي جا جنريٽرن تي ٻَڌل پهرين کيپ فراهم ڪري ڇڏي آهي جيڪا ڊاڪٽرن ۽ ماهرن تي ٻَڌل ٽيمون به پاڪستان ??وڪليون پيون وڃن. هن چيو ته چي??ي ڪمپني چائينا ٿري گورجز ڪارپوريشن طرفان ڪروٽ هائيڊرو پاور اسٽيشن ۾ سيڙپڪاري ڪئي وئي جيڪا 1.537 بلين ڪلو واٽ في ڪلاڪ جي مجموعي بجلي جي پيداوار سان بجلي فراهم ڪري رهي آهي. هن چيوت ه ڪروٽ هائيڊرو پاور اسٽيشن سي پيڪ تحت هڪ اهم منصوبو آهي، جنهن سان ??ومي گرڊ ۾ 720 ميگاواٽ ماحول دوست بجلي شامل ٿي آهي ۽ اهڙيءَ طرح هر سال 3.5 ملين ٽن ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جي نيڪا کي گهٽ ۾ مدد ملندي. ٻوڏ سبب خوش قسمتيءَ سان ??اڪستان ۾ چيني ادارن طرفان ??ائم ڪيل ڪروٽ ۽ ٻين هائيڊرو پاور رٿائن کي ڪو نقصان ??اهي پهتو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف 12 هزار ميگاواٽ شمسي توانائي جي حاصلات جو هدف مقرر ڪيو آهي جيڪو چيني ادارن جي تيار ڪيل ماحول دوست بجلي جي رٿائن ماحولياتي تبديلي جي اثرن کي مُنهن ڏيڻ ۽ پاڪستان جي معيشت کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ڪروٽ هائيڊو پاور ۽ قابل تجديد توانائي جي ٻين رٿائن سان ??قامي طور تي هزارين ملازمتن جا موقعا پيدا ٿيا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ گذريل سال 14 جولاءِ تي داسو هائيڊرو پاور اسٽيشن رٿا تي ٿيندڙ دهشتگرد حملي جو ذڪر ڪندي چيو ته ??ين پاسڪتان دوستي جي مخالفن طرفان ڪيل حملو تيز رفتار اقتصادي ترقي کي متاثر ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش هئي پر ٻنهي ملڪن طرفان ??ائدانه عزم ۽ ڪارڪنن جي دلجوئي سبب تمام ترقياتي منصوبن تي ڪم جاري آهي ۽ داسو هائيڊو پاور اسٽيشن منصوبي تي افسوسناڪ حملي بعد فوري ڪم شروع ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستان چيني شهرين جي حفاظت ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي وڏي اهميت حاصل آهي، اسان گڏجي پنهنجن مخالفن جي ناپاڪ عزمن کي شڪست ڏينداسين.