جنيوا -04 آڪٽوبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي بابت وفاقي وزير شيري رحمان موسمياتي تبديلي کي جديد دور جو هڪ وڏو چئلينج قرار ڏيندي چيو آهي، ته پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي سبب ??ڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي. حڪومت سمورا گهربل وسيلا ڪتب آڻي متاثرن جي بحالي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، اسان کي هنگامي بنيادن تي دوائن ۽ طبي سهولتن جي ضرورت آهي، متاثرن کي ٿڌ کان بچائڻ لاءِ به قدم کڻڻا پوندا، ٻوڏ م??اثرن جي مدد لاءِ دنيا اڳيان وڌي. اهڙو اظهار هن جنيوا ۾ ٻوڏ م??اثرن لاءِ پاڪستان ۽ گڏيل قومن جي گڏيل نظرثاني ٿيل فليش 2022ع اپيل جي شروعاتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ت?? موسمياتي تبديلي ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، موسمياتي تبدي??ي جي اثرن ۾ اسريل ملڪن جي ذميواري وڌيڪ آهي، دنيا کي موسمياتي تبديلين جو چئلينج سامهون آهي، جديد دور جي مختلف چئلينجن مان موسميات تبديلي هڪ وڏو چئلينج آهي. هن چيو ت?? موسمياتي تبديلي سبب ??اڪستان تمام خراب ريت متاثر ٿيو آهي، هاڻوڪي ٻوڏ موسمياتي تبدي??ي جو هڪ واضح مثال آهي، پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي ٻوڏ سبب تباهي ٿي آهي، جنهن جو شمار صدي جي سڀ کان وڏي آفت ۾ ٿئي ٿو. هن چيو ت?? ٻوڏ سبب 1700 کان وڌيڪ حياتيون ضايع ٿي چڪيون آهن، هاڻوڪي ٻوڏ سبب ??اڪستان ۾ وڏي پئماني تي ماڻهن جي گهرن ۽ ملڪيتن کي نقصان پهتو آهي، اسان اڃا به ريسڪيو ۽ رليف جي مرحلي ۾ آهيون، بوڏ م??اثرن جي بحالي هڪ وڏو چئلينج آهي. حڪومت ٻوڏ م??اثرن جي بحالي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ت?? برساتن ۽ ٻوڏ سبب ??لڪ جي زراعت ۽ بنيادي ڍانچي کي سخت نقصان پهتو آهي، ٻوڏ م??اثر علائقن ۾ اڃا به لکين ماڻهو امداد جا منتطر آهن. اڃا به ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ جو پاڻي بيٺل آهي، اسان کي هنگامي بنيادن تي دوائن ۽ طبي سهولتن جي ضرورت آهي. هن چيو ت?? سياري جي مند اچڻ واري آهي، ٻوڏ م??اثرن کي ٿڌ کان بچائڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. پاڪستان ۾ ٻوڏ م??اثرن جي مدد لاءِ دنيا کي اڳيان وڌڻو پوندو. حڪومت ٻوڏ م??اثرن جي مدد لاءِ سمورا دستياب وسيلا استعمال ڪري رهي آهي، پاڪستان اڪيلي سر ٻوڏ جي تباهڪارين کي نٿو منهن ڏئي سگهي، موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ ع??لمي سطح تي قدم کنيا وڃن.