اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مري?? اورنگزيب پنهنجي تحمل ۽ پروقار رويئي سان هراسان ڪندڙ پي ٽ?? آءِ جي حامين ۽ انهن جي سرپرستن جي مڪروهه چهري کي بي نقاب ڪيو آهي. پنهنجي ٽ??ئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پي ٽ?? آءِ جي حامين پاران هراسان ڪرڻ تي مري?? اورنگزيب جهڙي طرح تحمل جو مظاهرو ڪيو آهي، اهو سندس باوقار شخصيت جي عڪاسي ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته مري?? اورنگزيب پنهنجي تحمل ۽ باوقار رويئي سان هراسان ڪندڙن ۽ انهن جي سرپرستن جي بدنام چهري کي بي نقاب ڪيو آهي، اسان کي ان تي فخر آهي.