اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٻاهري?? ملڪ پاڪستانين هڪ ڏينهن ۾ 57 ملين ڊالرز ملڪ موڪلڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو آه??، روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ۾ جمع ڪرائڻ واري رقم 4.5 ارب ڊالر کان وڌي وئي آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ۽ وزيراعظم جي ٽوئيٽ موجب وزيراعظم شهباز شريف هڪ ئي ڏينهن ۾ رڪارڊ 57 ملين ڊالرز پاڪستان موڪلڻ تي ٻاهري?? ملڪ پاڪستانين کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ خوشي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته گذريل هڪ ڏينهن ۾ سڀ کان وڌيڪ 57 ملين ڊالر اسٽيٽ بئنڪ کي مليا آهن ۽ اها رقم ٻاهري?? ملڪ پاڪستانين پاران هڪ ڏينهن ۾ موڪلڻ واري هن وقت تائين جي سڀ کان وڌيڪ رقم آهي. هڪ ڏينهن ۾ آيل ان رقم کانپوءِ روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ۾ جمع ٿيندڙ رقم جو ماپو 4.5 ارب ڊالر کان ٽپي ويو آهي. هن چيو ته اسان جي حڪومت روشن ڊجيٽل اڪائون?? اسڪيم جي مڪمل حمايت ۽ سرپرستي ڪري رهي آهي، هڪ ڏينهن ۾ رڪارڊ رقم موڪلڻ تي ٻاهري?? ملڪ پاڪستانين جو ٿورو ادا ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته ٻاهري?? ملڪ پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، جنهن جون دليون پاڪستان جي محبت سان ڀريل آهن، ٻاهري?? ملڪ پاڪستاني غير ملڪي پرڏيهي ناڻي جي ذريعي سدائي?? ملڪي معيشت جي مضبوطي ۽ بهتري ۾ ڪردار ادا ڪندا آهن. توهان سان واعدو آهي ته موجوده معاشي مشڪلاتن جي ڌٻڻ مان نڪري توهان جي اميدن ۽ لاڳاپن تي پورو لهنداسين، وزيراعظم چيو ته کيس مڪمل يقين آهي ته ٻاهري?? ملڪ رهندڙ پاڪستاني مستقبل ۾ به پاڪستان جي مدد انهي خلوص جي جذبي سان ڪندا رهندا، ٻاهري?? ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي سهولت لاءِ موجوده حڪومت ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي، اسان توهان جي ز??دگ??ن ۾ آسانيون آڻڻ لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين.