اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي حڪومت 45 مهينن ۾ ملڪي تاريخ جي 71 سالن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌ??ڪ 79 سيڪڙو قرضن ۽ رهتن ۾ اضافو ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ناڻي واري وزير چيو ته رڪارڊ جي لاءِ پي ٽي آءِ جي دور ۾ ڪل ملڪي قرض 24953 ارب رپين مان وڌ?? 44366 ارب رپيا ٿي ويو، جيڪو 78 سيڪ??و اضافو آهي. هن چيو ته مجموعي قرضن کانسواءِ رهتون 79 سيڪ??و اضافي سان 29879 ا??ب رپين مان وڌ?? 53544 ارب رپيا ٿي ويون. هن وڌ??ڪ چيو ته پي ٽي آءِ گذريل 71 سالن ۾ شامل سمورن قرضن ۽ رهتن ۾ 3.75 سالن ۾ 79 سيڪ??و اضافو ڪيو آهي.