اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ??زيراعظم شهباز شريف لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي جو هنگامي پلان 24 ڪلاڪن ۾ طلب ڪري ورتو آهي. توانائي، پيٽروليم ۽ خز??ني جي وزيرن جي ڪميٽي کي وزيراعظم قابل عمل پلان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ??وڊشيڊنگ ۾ آهستي آهستي گهٽتائي جي پلان تي موثر عملدرآمد ڪرائينداسين. وزيراعظم جي صدارت ۾ پنج ڪلاڪ ڊگهي جاري رهندڙ اجلاس ۾ سموري صورتحال جو تف??يل?? جائزو ورتو ويو، هن چيو ته ??لڪ ۾ توانائي جي مجموعي صورتحال تي وزيراعظم کي تفصيل سان آگاهه ڪيو ويو، صنعت ۽ گهريلو صارفين کي بجلي جي فراهمي ۾ ايندڙ رڪاوٽن تي بريفنگ ڏني وئي، مريم اورنگزيب چيو ته ??زيراعظم لاڳاپيل وزيرن کي صنعت ۽ گهريلو صارفين کي بجلي جي فراهمي ۾ توازن آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اهڙو پلان جوڙيو جنهن سان عوام کي لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي پاڻ محسوس ٿئي.