اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف سان توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير خان ملاقات ڪئي جنهن ۾ملڪ جي مجموعي ??يا??ي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته موجوده حڪومت ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، پاڪساتن کي هن ??قت سنگين معاشي بحران درپيش آهي، پاڪستان تاريخ جي مشڪل ترين دور مان گذري رهيو آهي، توانائي واري وزير چيو ته موجوده حڪومت کي ملڪ جا سمورا شعبا زبون حالي جو شڪار مل??ا آهن، ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ سخت محنت جي ??رو??ت آهي.