اس??ام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان اڳوڻي صدر ۽ قومي اسيمبلي ميمبر آصف علي زرداري اس??ام آباد ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽو زرداري، دفاع وارو وفاقي وز??ر خواجه آصف ۽ ريلوي وارو وفاقي وز??ر خواجه سعد رفيق به شريڪ ٿيا. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم چيو ته آئين جي بالادستي ۽ جمهوري عمل جو تسلسل ئي ملڪي ترقي جو راز آهي، ملاقات ۾ ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ سماجي ڀلائي ۽ تري کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورين سياسي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. وزيراعظم بل??ول ڀٽو زرداري کي وفاقي وزير طور حلف کڻڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته گڏيل تعاون سان جلد ملڪ کي درپيش چئلينجز تي جلد ضابطو آندو ويندو.