اسلام آبا?? – 28 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي ڪويت جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽ?? شيخ احمد ناصر الحمد الصباح ٽيليفون ڪئي ۽ پرڏيهي وزارت جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ڪويت جي ٻطرفي لاڳاپ?? تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ ڪويت جا ڀائراڻا لاڳاپا مثالي آهن، پاڪستانين جو هڪ وڏو تعداد روزگار جي سلسلي ۾ ڪويت ۾ رهندڙ آهي ۽ هو ٻنهي ملڪن جي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ره??ا آهن. هن چيو ته اسان ڪويت سان ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون.