اسلام ??باد – پهرين – اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان مل??ئيشيا جي پلانٽيشن انڊسٽريز اينڊ ڪموڊيٽيز واري وزير زورائيده بنت قمر الدين وفد سميت پارليامينٽ هائوس ۾ مل??قات ڪئي ۽ ٻطرفي لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۽ مل??ئيشيا جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي وقت گذرڻ سان گڏوگڏ فروغ وٺي رهيا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تازي اعليٰ سطحي وفد جي مٽاسٽا سان ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ حاصل ٿيو آهي. پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ملندي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ماپي ۾ اضافو ۽ معيشت کي نمايان ف??وغ ميسر ٿيندو. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان، مل??ئيشيا سان دوستاڻي لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل حصيداري کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻئي ملڪ عالمي فورمن تي سدائين هڪٻئي جي موقف جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي. هن چيو ته پنهنجي جاگرافيائي اهميت جي ڪري پاڪستان ۽ مل??ئيشيا، پنهنجي لاڳاپيل مارڪيٽن تائين پهچ جي سهولت فراهم ڪري هڪٻ??ي کي اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي فائدا فراهم ڪري سگهن ٿا. تعليم، دفاعي مصنوعات، واپار ۽ سيڙپڪاري اليڪٽرانڪس ?? آءِ ٽي انڊسٽري، حلال فوڊ، آئل اينڊ گئس، قابل تجديد توانائي، سياحت جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون هڪ ٻئي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي راهه هموار ڪندو. پاڪستان ”آسيان“ جو ڊائلاگ پارٽنر بڻجڻ لاءِ مل??ئيشيا پاران حمايت جو منتظر آهي. مل??ئيشين وزير زورائيده بنت قمر الدين سينيٽ چيئرمين جي خيالن سان اتفاق ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، معيشت جي بهتري لاءِ واپاري ماپي ۾ اضافو ۽ موجوده سيڙپڪاري جي موقعن مان ف??ئدو کڻڻ اڻٽر آهي. هن چيو ته پاڪستان خطي جو اهم ملڪ آهي مل??ئيشين سيڙپڪار، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جا خواهشمند آهن.