اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي ??زير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پرامن ۽ منصفاڻي حل جو خواهشمند آهي. اها ڳالهه هن او آءِ سي پرڏيهي ??زيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي ٿائيلينڊ جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي ??زير ڊون پرامودونائي سان ملاقات دوران چئي. پرڏيهي ??زير چيو ته پاڪستان ٿائي لينڊ سان ٻطرفن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. پرڏيهي ??زير سياحت جي فروغ لاءِ ٿائيلينڊ جي وسيع تجربي مان فائدو کڻن جي ارادي جو اظهار ڪيو. گنڌارا تهذيب ۽ ٻڌمت ورثي جو ذڪر ڪندي پرڏيهي ??زير ملڪ ۾ مذهبي سياحت جي فروغ لاءِ پاڪستان جي پاليسي جي مقصدن کان ٿائي لينڊ جي پرڏيهي ??زير کي آگاهه ڪيو. ٻنهي ??رڏيهي ??زيرن وڌندڙ ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻنهي ??لڪن جي وچ ۾ مضبوط اقتصادي، واپاري، سياسي ۽ ثقا??تي تعاون تي ٻڌل وسيع البنياد لاڳاپا قائم ڪرڻ جي عزم جو اطهار ڪيو. افغانستان جي حوالي سان پرڏيهي ??زير چيو ته پاڪستان افغانستان کي معاشي تباهي کان بچائڻ جي لاءِ عالمي کان انساني بنيادن تي افغان عوام جي معاونت جو گهرجائو آهي. ٿائي پرڏيهي ??زير افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي مثبت ڪردار کي ساراهيو. پرڏيهي ??زير چيو ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پرامن ۽ منصفاڻي حل جو خواهشمند آهي. پاڪستان سمورن پاڙيسري ملڪن سان خوشگوار لاڳاپن جو خواهشمند اهي. ٻنهي ??لڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي باقاع??ه رابطي جي اهميت کي تسليم ڪندي ٻنهي ??رڏيهي ??زيرن ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.