اسلام آباد – 21 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سياحت جو ??رو?? پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، اها ڳالهه هن وزيراعظم عمران خان جي سياحتي رابطن واري ??صوصي صلاحڪار اعظم جميل سان ڳالهائيندي ڪئي. جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي ملاقات دوران سياحت جي ??رو?? لاءِ مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزي چيو ته پاڪستان ۾ سياحت جو ??رو?? وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. 2019ع ۾ پاڪستان ۾ سياحت جي شعبي ۾ مثالي ترقي ٿي، هن چيو ته ڪورونا جي ڪري ??تي باقي شعبا متاثر ٿيا اتي سياحت جي شعبي کي به شديد نقصان پهتو، ڪورونا جي صورتحال ۾ بهتري کانپوءِ سڄي دنيا جا سياح ??يهر سياحت طرف متوجهه ٿي رهيا آهن، شاهه محمود قريشي چيو ته اسان سياحت جي ??رو?? لاءِ پاڪستان اچڻ جي خواهشمند سياحن لاءِ آن ويز سميت ڪيتريون ئي سهولتون فراهم ڪري ??هيا آهيون، منهنجو اسپين جي دوري ??وران گڏيل قومن جي سياحت بابت عالمي تنظيم (يو اين ڊبليو ٽي او) جي سيڪريٽري ??نرل سان فائديمند ملاقات ٿي، وزيراعظم جو سياحتي رابطن وارو خصوصي صلاحڪار اعظم جميل پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي پرڏيهي وزارت جي مدد سان هڪ جامع قومي سياحتي پاليسي جلد جوڙڻ جو اشارو ڏنو.