راولپنڊي – 09 جنوري (اي پي پي) فوج جي عوامي لاڳاپن واري کاتي (آءِ ايس پي آر) چيو آهي ته مريءَ ۾ سمورا مواصلاتي ذريعا هر قسم جي چرپر جي ل??ءِ کوليا ويا آهن، ڪلڊنه ??اڙيان روڊ ٽريفڪ جي ل??ءِ کوليو ويو آهي. آءِ ايس پي آر پاران مريءَ جي صورتحال تي جاري تازي ترين اپ ڊيٽس موجب مين رستن کي کولڻ کانپوءِ آرمي جا انجنيئرز هاڻي لنڪ روڊ تي ڌيان ڏئي رهيا آهن. ريليف ڪئمپ ۽ ميڊيڪل جون سهولتون مڪمل طور تي فعال آهن جڏهن ته فوجي گاڏيون ڦ??ٿل سياحن کي راولپنڊي ۽ اسلام آباد پهچائڻ جي ل??ءِ استعمال ڪيون پيون وڃن.