اسلام آباد – 27 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چي?? آهي ته اڄ سڀ کان وڏو چئلينج قائداعظم محمد علي ??ناح جي پاڪستان کي واپس آڻڻ آهي، قائداعظم ۽ علامه اقبال هڪ اهڙي رياست جو قيام چاهيندا هئا جتي اسلام کي مڃيندڙ ۽ اقليتون آزادي سان زندگي گذاري سگهن. وزيراعظم عمران خان انهي پاڪستان جي ڳالهه ڪندو آهي، جنهن جو خواب قائداعظم محمد علي ??ناح ڏٺو هو، اها ڳالهه هن قائداعظم محمد علي ??ناح جي حوالي ??ان تصويري نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي، اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته قائداعظم محمد علي ??ناح جو پيغام واضح آهي، هندستان ۽ بنگلاديش جا ڪيترائي ليکڪ قائداعظم جي باري ۾ ڪنفوزن جو شڪار آهن، هن چي?? ته جهڙي طرح جو پاڪستان قائداعظم چاهي رهيو هو هن پنهنجي ٽن وڏين تقريرن ۾ واضح ڪري ڇڏيو هو، قائداعظم ۽ علامه اقبال ماڊرن ۽ ترقي پسند سوچ رکندڙ اڳواڻ هئا، ننڍي کنڊ جي مسلم قيادت ڄاڻي چڪي هئي ته مستقبل ۾ مسلمانن ۽ ٻين اقليتن سان ڪهڙو سلوڪ ٿيندو، هن چي?? ته علامه اقبال گهڻو پهرين ڏسي ڇڏيو هو ته مسلمانن کي ڪهڙيون مشڪلاتون پيش اچي سگهن ٿيون، قائداعظم هندستان جي سياست ڏسي پاڪستان ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو، اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته پاڪستان ۾ سيالڪوٽ واقعي تي پوري پاڪستاني قوم متحد ٿي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي، هندستان ۾ اهڙا واقعا روز جو معمول آهن، اڄ ڀارت ۾ مسيحي برادري ۽ مسلمانن سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو دنياجي سامهون آهي، نريندر مودي ۽ بي جي پي اقليتن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، هن چي?? ته نريندر مودي جي حڪومت جي تحت اڄ ڀارت زوال جو شڪار آهي، اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته پاڪستان جي قيام جو مقصد اقليتن جي حقن کي تحفظ ڏيڻ هو، پاڪستان ان خطي جي روشن اميد آهي، قائداعظم پنهنجي پيغام ۾ واضح هيو، ان جي ان پيغام کي حاصل ڪرڻ ئي سڀ کان وڏي جنگ آهي، هن چي?? ته قائداعظم محمد علي ??ناح جي جنم ڏينهن جي موقعي تي تصويري نمائش جو انعقاد خوش آئنده آهي، اسان کي قائداعظم جي پيغام کي عام ماڻهو تائين پهچائڻ جي تحريڪ شروع ڪرڻي پوندي، وفاقي وزير قائداعظم جو جنم ڏينهن شاندار ??ري??ي سان ملهائڻ، اسلام آباد ۾ آتش بازي ۽ رنگ ونور جي محفل جي انعقاد ت?? سمورن منتظمين کي مبارڪباد پيش ڪئي.