اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي ا??تظ??من جو حتمي جائزو وٺڻ لاءِ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس پرڏيهي وزارت ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، پرڏيهي وزارت جي ترجمان عاصم افتخار ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. پي آءِ او سهيل علي خان، ايڪسٽرنل پبلسٽي جي ڊائريڪٽر جنرل عنبيرن جان، اي پي پي جي ايم ڊي مبشر حسن سميت، اطلاعات واري وزارت جا سينئر آفيسر به اجلاس ۾ موجود هئا. پرڏيهي وزير کي او اءِ سي جي پرڏيهي وزير ڪائنسل جي غير معمولي اجلاس جي ا??تظ??ميه جي مختلف رخن جي حوالي سان مفصل بريفنگ ڏني وئي. پرڏيهي وزير ا??تظ??من تي اطمينان جو اظهار ڪندي انهن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ خصوصي هدايتون ڏنيون. پرڏيهي وز??ر چ??و ته پاڪستان 41 سالن کانپوءِ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي افغانستان بابت غير معمولي اجلاس جي ميزباني ڪرڻي وڃي رهيو آهي، هن چ??و ته ان اجلاس جي ذريعي ??فغانستان ۾ تيزي سان اڀرندڙ انساني بحران کي منهن ڏيڻ ۽ افغانستان جي امن ۽ استحڪام جي حوالي سان مفتقه لائحه عمل طئي ڪرڻ لاءِ غور جو هڪ سنهري موقعو ميسر ايندو.