اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ڪڻڪ، ڀاڻ، کنڊ، اٽي ۽ پيٽرول جي اسمگلنگ ۽ مني لانڊرنگ جي روڪٿام جي لاءِ هنگامي قدم کنيا ??ڃن. اها هدايت هن اسمگلنگ ۽ مني لانڊرنگ جي روڪٿام جي قدمن جي حوالي سان جائزه اج??اس جي صدارت دوران ڏني. اج??اس ۾ وفاقي وزيرن شيخ رشيد احمد، اسد عمر، خسرو بختيار، سيد فخر امام، حماد اظهر، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خاص معاون ڊا??ٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ايف بي آر جي چيئرمين کانسواءِ سينيئر سول ۽ عسڪري عملدار شريڪ ٿيا. وزيراعظم چيو ته اسمگلنگ جي ڪري ملڪ جي معيشت کي سخت نقصان پهتو آهي. هن هدايت ڪئي ته ڪمند، ڀاڻ، کنڊ، اٽي ۽ پيٽرول جي اسمگلنگ ۽ مني لانڊرنگ جي روڪٿام جي لاءِ هنگامي قدم کنيا ??ڃن. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي انهن قدمن جو مقصد عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ آهي. ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ فرق اسمگلنگ جي ڪري ٿئي ٿو، اسمگلنگ جي ڪري مصنوعي کوٽ پيدا ٿئي ٿي جنهن جي ڪري قيمتون وڌي وڃن ٿيون. اج??اس کي ٻڌايو ويو ته ايف آءِ اي ڊالر جي مني لانڊرنگ ۽ غيرقانوني ذخيري جي خلاف وسيع جاچ ڪئي آهي. بارڊر ڪراسنگز تي افرادي قوت وڌائي پئي وڃي ته جيئن مال جي چيڪنگ ۽ چرپر جي ٽريڪنگ ممڪن ٿي سگهي. اج??اس کي ٻڌايو ويو ته غيرقانوني پيٽرول جي اسمگلنگ کي روڪڻ ۽ ذخيره اندوزن جي خلاف آپريشن ۾ سٺي ڪاميابي ملي آهي.