گوجرانوالا-03 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت ??اص معاون ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته پاڪستان ۾ اي??دڙ چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي و?? اي??) ذريعي ڪرايون وينديون ۽ پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين کي و??ٽ ڏيڻ جو حق به ملندو. پنجاب ۾ اي??دڙ مڪاني چونڊون به اي و?? اي?? ذريعي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. گوجرانوالا ۾ اوورسيز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف سڄي ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽?? صاف سٿري سياست تي يقين رکي ٿي، سياسي پارٽيون چونڊن ۾ ڌانڌليءَ جي رڙيون ڪنديون آهن، پر پي ٽي آءِ واحد پارٽي آهي جنهن چ??نڊ سڌارن جي ذميواري کنئي ۽ ان سلسلي ۾ قانونسازي ڪئي وئي آهي جنهن تحت اي??دڙ چونڊون اي و?? اي?? ذريعي ڪرايون وينديون. ڌانڌليءَ جو خاتمو ٿيندو ۽ پاڪستان کي جمهوري لحاظ کان هٿي ملندي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان اهڙي مڪاني نظام جو خواهشمند آهي جنهن ۾ حقيقي طور تي اقتدار جي منتقلي ٿئي. ڊاڪٽر شهباز گل چيو ته عوام جو چونڊيل نمائندو پنهنجي تڪ جي اسڪولن، اسپتالن ۽ ٻين شين جو فيصلو ڪري سگهندو. هن چيو ته حڪومت عوام سان ڪيل وعدا پورا ڪري رهي آهي.