اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان غريب طبقي جي لاءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊي پروگرام کي جلد شروع ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت کي عام ماڻهو تي مهانگائي جي اثرن جو احساس آهي، صحت ڪ??رڊ، آبادگار ڪارڊ ۽ احساس پروگرام جي دائري کي وڌايو پي?? وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفي?? جي ميڊيا ونگ پارا?? جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان هدايت ڪ??ي ته غريب طبقي جي لاءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊي جو وڏو پروگرام جلد شروع ڪيو ??ڃي. هن چيو ته حڪومت کي غريب طبقي تي مهانگائي جي اثرن جو احساس آهي ۽ انهي لاءِ حڪومت صحت ڪ??رد، آبادگار ڪارڊ ۽ احساس پروگرام جي دائري کي وڌائي رهي آهي. اجلاس ۾ سنڌ ۾ اٽي جي وڌندڙ قيمت تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ??يو. ان کان اڳ غربت جي خاتمي واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم عمران خان کي احساس ٽارگيٽيڊ سبسڊي پروگرام تي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، پنجاب جي ناڻي واري وزير مخدوم هاشم جوان بخت، خيبرپختونخواهه جي ناڻي واري وزير تيمور سليم جهڳڙا، نيشنل بئنڪ جي صدر عارف عثماني، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي چيف سيڪريٽري ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪ??ي جڏهن ته ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت ترين وڊيو ??نڪ ذريعي شريڪ ٿيو. وزيراعظم کي ٻڌايو ??يو ته ٽارگيٽيڊ سبسڊي پروگرام وفاق ۽ صوبائي حڪومتن جي گڏيل مالي معاونت سان شروع ڪيو ??يندو جنهن تي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه اڳ ۾ ئي دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان سان ڳالهه ٻولهه ڪئي پئي وڃي ته اهي به ان ۾ شامل ٿين. ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي ٽارگيٽيڊ سبسڊي پروگرام جي تيارين تي تفصيلي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته پٺتي پي?? طبقي کي مهانگائي کان بچائڻ جي لاءِ احساس ٽارگيٽيڊ سبسڊي پروگرام هلندڙ سال جلد جاري ٿيندو، پروگرام جي لاءِ احساس ۽ نيشنل بئنڪ جي حصيداري سان موبائيل پوائنٽ آف سيل نظام تيار ڪيو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ??يو ته احسا?? جي اهل خاندانن کي ان پروگرام ذريعي مخصوص شين تي ڪرياني اسٽور تان خريداري تي رعايت ملندي.